جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد کان رائيونڊ ويندڙ مسافر ڪوچ تنگواڻي لڳ ڪلٽي ٿي وئي، ڊرائيور سميت ڏھه کان وڌيڪ مسافر فوت، ڪيترا ھي زخمي، وڌيڪ فوتگين جو امڪان، مختلف اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سوين ماڻھون واقعي واري ھنڌ پھتا، زخمي ۽ لاشون ٻاھر ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي وئي,تفصيل موجب: جيڪب آباد جي تعلقي ٺل کان رائيونڊ اجتماع لاءِ ويندڙ تبليغي جماعت جي مسافر ڪوچ تنگواڻي ڀرسان سوڪڙ اسٽاپ وٽ تيز رفتاري سبب اوچتو ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ مسافر فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حادثي کانپوءِ ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. پوليس موجب حادثو تنگواڻي ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ۾ ٺل-ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي پيش آيو، جتي ٺل کان رائيونڊ اجتماع ڏانهن ويندڙ مسافر ڪوچ نمبر 4488 JB تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي اطلاع ملندي ئي علائقي واسين، پوليس ۽ امدادي ٽيمن پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي فوري طور ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حادثي جي شدت سبب اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ بيدل مغيري، نور محمد پهوڙ، حامد پهوڙ، محمد امين سرڪي، فيض محمد ٻرڙو، غلام سرور مغيري شامل آهن، جڏهن ته ڪوچ جو ڊرائيور سرور مغيري پڻ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. حادثي ۾ فوتين جو انگ 10 کان وڌي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. فوت ٿيلن ۽ زخمين جي مڪمل سڃاڻپ بابت وڌيڪ تفصيل اچڻ جو انتظار آهي. حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته حادثي جا اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ پوليس پاران جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.هوڏانهن ڪنڌڪوٽ لڳ تنگواڻي ويجهو سوڪڙ اسٽاپ وٽ ٺل کان مسافر ڪوچ ايندڙ ڪلٽي ٿي پئي مليل اطلاع موجب پنج مسافر فوت 20 کان وڌيڪ زخمي جا اطلاع. خبر موجب ڪنڌڪوٽ لڳ تنگواڻي ويجهو سوڪڙ اسٽاپ وٽ ٺل کان رائيونڊ لاھور تبليخ تي ويندڙ طرف کان ايندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿي پئي. مليل اطلاعن موجب ڪوچ ۾ سوار پنج 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن ۽ 20 جي زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن تہ فوتين ۽ زخمين جا نالا نه ملي سگھيا آهن. مليل اطلاعن موجب زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.










