نوابشاهه(ن س )نوابشاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثو نوابشاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي پيش آيو، جتي تيز رفتار ڪار آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن نوابشاهه ريلوي اوورهيڊ پل ڀرسان پڻ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 عورتون فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.










