نوشهروفيروز، روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

نوشهروفيروز، روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

نوشهروفيروز (رپورٽ: اسد علي عمراڻي) نوشهروفيروز ۾ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ عرفان علي طور ٿي آهي. فوتي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب حادثي ۾ ملوث ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ان جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو