بدين ۾ روڊ حادثو،نوجوان مرڻينگ

بدين ۾ روڊ حادثو،نوجوان مرڻينگ

بدين (رپور مرتضي ميمڻ) مٺي کان ڪراچي ويندڙ اي سي مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب بدين ۾ ٿرڪول باء پاس روڊ تي منڱريا موري وٽ موٽر سائيڪل کي ٽڪر ھڻي موٽر سائيڪل سوار يارنھن سالن جي نوجوان کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو تفصيل موجب بدين ٿرڪول باءِ پاس روڊ تي منڱريا موري تي مٺي کان ڪراچي ويندڙ اي سي مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب سامهون کان ايندڙ موٽرسائيڪل کي ٽڪر ھڻي موٽر سائيڪل سوار شعيب ولد سعيد احمد چانڊيو سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمي نوجوان کي انڊس سول اسپتال بدين نيو ويو حادثي ۾ سخت زخمي نوجوان جا مٽ مائٽ ۽ شھري وڏي تعداد ۾ واقع واري ھنڌ تي پھچي ويا جن ڪاوڙ مان اي سي ڪوچ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر بدين پوليس موقع تي پھچي مشتعل نوجوانن کي ٿڌو ڪري اي سي ڪوچ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو ٻئي طرف حادثي جو شڪار نوجوان کي ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو بدين پوليس واقعي جي رپورٽ داخل وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو