رياض هوائي اڏي تي ٻيهر حملو، آمريڪي شهري سميت 12 ڄڻا مارجي ويا

رياض هوائي اڏي تي ٻيهر حملو، آمريڪي شهري سميت 12 ڄڻا مارجي ويا

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي گاديءَ واري شهر رياض جي بين الاقوامي هوائي اڏي شاهه خالد ايئرپورٽ تي ايران نواز حوثي باغين ٻيهر ميزائل حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ 4 سعودي، ٻن بنگلاديشي شهرين سميت، آمريڪا، اردن، مصر، شام، فلسطين ۽ سودان جي 12 شهرين جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي.
اي ايف پي رياض جي هڪ اسپتال جي ذريعي حوالي سان ٻڌايو آهي ته زخمين مان پنجن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي هئي. جن کي انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ رکيو ويو هو.
اي ايف پي موجب، زخمين جي اڪثريت سعودي شهرين جي آهي، جڏهن ته ڪجهه زخمين کي هيليڪاپٽر ذريعي طبي مرڪزن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
حوثي سعودي عرب جي هوائي اڏن کي ڇو نشانو بڻائي رهيا آهن؟
ياد رهي ته خميس ڏينهن يمن جي حوثين شاهه خالد ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو هو. ان حملي ۾ پائليٽ سميت چار ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا زخمي ٿيا هئا.
بي بي سي فارسي موجب، قطر ۽ گڏيل عرب امارتن سميت مختلف ملڪن جي هوائي ڪمپنين رياض جي بين الاقوامي هوائي اڏي ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.
رياض جي هوائي اڏي تي حملو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن سعودي گاديءَ واري شهر ۾ سڀاڻي کان تيل بابت هڪ وڏي عالمي ڪانگريس شروع ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته رياض جي شاهه خالد بين الاقوامي هوائي اڏي طرفان هڪ اطلاع پڻ جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مسافرن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو ايئرپورٽ ڏانهن روانو ٿيڻ کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل هوائي ڪمپنيءَ سان رابطو ڪن.
ٻئي طرف، سعودي عرب ۾ ڪينيڊا، جرمني ۽ اسپين جي سفارتخانن پنهنجي شهرين کي رياض جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي حملي جي اطلاعن کانپوءِ ان علائقي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو