ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قتل ٿيل نوجوان واپاري مير رضا ڪيس ۾ سينيئر پوليس آفيسرن جوڊيشل ڪميشن پاران موڪليل سوالن جا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي عامر فاروقي ۽ ڊي آءِ جي فرخ لنجار پنهنجا جواب جمع ڪرايا، جڏهن ته ڪميشن جي معاون تجمل لودهي ايڊووڪيٽ جوابن جا سيل بند لفافا ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.مير رضا جي وارثن پڻ پوليس آفيسرن لاءِ سوال جمع ڪرايا هئا، جن ۾ 300 کان وڌيڪ سوال شامل هئا. ڪميشن چيو ته جاچ ڪندڙ ادارا خاندان کي ڪجهه معلومات فراهم ڪن ته ان سان ڪيس جي جاچ متاثر نه ٿيندي. ٻئي طرف مير رضا جي خاندان جي وڪيل جبران ناصر چيو ته 9 سيپٽمبر تي پوليس خاندان کي ٻڌايو ته ڊجيٽل ڪرنسي جو ڊيٽا هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ڪرپٽو اڪائونٽ جا اسڪرين شاٽ ميڊيا تي هلڻ لڳا. هن چيو ته پوليس اختيارين پنهنجي ٽيم مان مير رضا بابت ڊيٽا ليڪ ڪندڙ جو پتو نه لڳائي سگهيا، ڇا ٽن کان چئن ڪروڙ رپين لاءِ ائين ٿي سگهي ٿو؟ ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










