ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ليوي ٽيڪس جي خاتمي جي قرارداد منظور ڪئي وئي جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌو ديش نامنظور جا نعرا به لڳايا ويا.اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو، جتي سوالن جي وقفي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحه احمد مسلسل ڳالهائيندو رهيو. اسپيڪر انهي کي ويهڻ ۽ سوالن جا وقفا جاري رهڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن طرفان وڊيوز هلائڻ جو معاملو به بحث هيٺ آيو.اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ نعريبازي ڪندي چيو ته لاٺي گولي کي سرڪار نهين چلي گي، اپوزيشن ميمبرن اجلاس جي دوران احتجاج ڪندي سنڌو ديش نامنظور ۽ اسپيڪر گردي نامنظور جا نعرا به لڳايا.جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق سرڪاري استادن جي لاءِ انشورنس پاليسي متعارف ڪرائڻ ۽ سروس دوران فوت ٿي ويل استادن کي سهولتون ڏيڻ جي قرارداد پيش ڪئي. هوڏانهن ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي قرارداد تي قانون واري ضياءُالحسن لنجار چيو ته اهو وفاقي حڪومت جو مسئلو آهي. سنڌ حڪومت انهي کي ختم نٿي ڪري سگهي.ضياءُالحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، جنهن تي سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت کان ليوي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي مطالبي جي قرارداد منظور ڪري ورتي.سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرسچن فيملي لا 2026 به پيش ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر انتهوني نويد بل ايوان ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ ڪرسچن فيملي لا اسيمبلي ۾ آيو آهي، اپوزيشن کان بل جي حمايت جي درخواست ڪندڙ خواهش ظاهر ڪئي ته انهي کي اڄ ئي پيش ڪري ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي.انٿوني نويد بل ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏيو جنهن کي لاڳاپيل قائمه ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. محمد فاروق بل کي تاريخي قرار ڏيندي حمايت ڪئي. جڏهن ته اسپيڪر اويس قادر شاهه اقليتي معاملن جي ڪميٽي ۾ محمد فاروق کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اسيمبلي ميمبر سجاد علي پوليس طرفان ڪارڪنن تي مبينه تشدد جو معاملو اٿاريندي چيو ته 2 ايس ايڇ اوز تشد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪارڪن جي ٽنگ ڀڄي پئي هن چيو ته انهي ايس ايڇ اوز کان سود سميت بدلو وٺنداسين. جنهن کان پوءِ اسپيڪر اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وڌيڪ ڪارروائي کان پوءِ سڀاڻي ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.










