ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ڪئي، ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي قرارداد ايوان ۾ متفقه طور تي منظور ڪئي وئي.پي ٽي آءِ ميمبر محمد اويس سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت قرارداد پيش ڪئي.سينيئر وزير ۽ صوبائي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ ميمبر جي قرارداد جي حمايت ڪئي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي واري قرارداد سنڌ اسيمبليءَ مان اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.










