مخالف ڌر جي گڏيل پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مخالف ڌر جي گڏيل پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مخالف ڌر جي گڏيل پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. مخالف ڌر جي اتحاد جي ترجمان اخونزاده حسين موجب قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي گورنر راڄ ۽ ايمرجنسيءَ خلاف عدالت سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس به اڄ ئي ٿيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو