ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مير رضا ڪيس بابت سيلڊ رپورٽ ملي وئي آهي، جڏهن ته رپورٽ جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حتمي فيصلو صوبائي ڪابينا ڪندي.وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي وڏي وزير هائوس ۾ ٿيندو، جتي سيلبند رپورٽ کولي ڪابينا آڏو پيش ڪئي ويندي. ڪابينا رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان تي عملدرآمد بابت حتمي فيصلو ڪندي. مير رضا ڪيس بابت هن رپورٽ کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سامهون ايندڙ نقطا ۽ سفارشون ايندڙ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته رپورٽ جا تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن، تنهنڪري اهو واضح ناهي ته رپورٽ ۾ ڪهڙن پهلوئن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ڪهڙن قدمن جي سفارش ڪئي وئي آهي.










