ايس ايس پي جي سَسُ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

ايس ايس پي جي سَسُ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دفاعي هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) جي فيز 6 ۾ هڪ اپارٽمينٽ بلڊنگ اندر ٿيل جهيڙي بابت جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) ۾ لڳايل الزام جاچ جي نتيجن مان ”ثابت نٿا ٿين“. رپورٽ ۾ واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف کاتي اندر ڪارروائي جي پڻ سفارش ڪئي وئي آهي.
ڊان جي رپورٽ موجب جمعي ڏينهن سامهون آيل رپورٽ موجب، گذريل هفتي ڊي ايڇ اي فيز 6 جي هڪ اپارٽمينٽ بلڊنگ ۾ رهندڙن وچ ۾ ٿيل جسماني جهيڙي جي سي سي ٽي وي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي. وڊيو ۾ پوليس اهلڪارن کي هڪ عورت کي قابو ڪندي ڏٺو ويو، جڏهن ته ٻي عورت ڊمبل سان مٿس حملو ڪري رهي هئي.
جڏهن ته واقعي جي ايف آءِ آر ان عورت ۽ سندس ڀاءُ خلاف داخل ڪئي وئي، جنهن تي حملو ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو.
جاچ رپورٽ ڏکڻ زون جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) سيد اسد رضا پاران ڪراچي پوليس جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل کي پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، اصل واقعي جي سلسلي کي معلوم ڪرڻ، جهيڙي جو سبب بڻجندڙ حالتن جو تعين ڪرڻ ۽ واقعي واري هنڌ موجود پوليس اهلڪارن جي طرزعمل جو جائزو وٺڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل جاچ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته دستياب سمورن دستاويزي ۽ اليڪٽرانڪ ڊيٽا سان گڏ کاتي جا رڪارڊ به جانچيا ويا، جڏهن ته سي سي ٽي وي ۽ موبائل فون تان ٺاهيل وڊيوز جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه 13 ماڻهن جا بيان به قلمبند ڪيا ويا.
جاچ ۾ معلوم ٿيو ته واقعو ڪورنگي جي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) فدا حسين جانوري جي سَسُ ۽ هڪ ٻئي رهواسي وچ ۾ پارڪنگ جي معاملي تي ٿيل تڪرار کان شروع ٿيو.
رپورٽ ۾ سي سي ٽي وي وڊيو ۾ نظر ايندڙ پوليس اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل ثاقب ۽ حيدر سلطان طور ڪئي وئي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سادن ڪپڙن ۾ نظر ايندڙ اهو شخص، جنهن وڊيو ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا ٽوڙيو، ڪانسٽيبل تيمور احمد هو، جڏهن ته ان مقصد لاءِ پنهنجو هٿيار فراهم ڪندڙ اهلڪار ڪانسٽيبل عامر سهيل هو.
رپورٽ موجب، ”سڀني کي ڪورنگي ايس ايس پي جي خانگي بنگلي تي ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.“
جاچ رپورٽ جون سفارشون
رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزام جاچ جي نتيجن مان ”ثابت نٿا ٿين“، تنهن ڪري ڪيس کي قانون موجب اڪلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو ته ايس ايس پي جي سس، سندس ڌيءَ ۽ پٽ، گڏوگڏ واقعي وقت موجود پوليس اهلڪارن خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، جڏهن ته ”متاثر خاندان کي ترغيب ڏني وڃي ته هو پنهنجي مرضي سان انهن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري“.
رپورٽ موجب، درخشان ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) رشيد علي ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آفتاب منگي پاران مناسب ثبوت کانسواءِ واقعي واري هنڌ ڪيل گرفتاريون جائز نه هيون ۽ انهن اهلڪارن جو ”جارح ڌر ڏانهن لاڙو“ ظاهر ٿيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته جاچ آفيسر، جنهن جي سڃاڻپ ايس آءِ پي عمران طور ڪئي وئي، پڻ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ”ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي“ ۽ ڪيس جي جاچ ۾ آزاداڻي طور پنهنجي سوچ ۽ صوابديد استعمال نه ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو: ”تنهن ڪري ڏکڻ ضلعي جي انهن ٽنهي اهلڪارن خلاف انصاف جي ناڪامي سبب کاتي اندر سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وڃي ٿي.“
رپورٽ موجب، ڪانسٽيبل تيمور ۽ امير جون ڪارروايون، خاص طور تي جهيڙي ۾ هڪ ڌر کي ٻي ڌر جي نقصان تي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرا کي نقصان پهچائڻ، ”قانوني فرض جي حد کان تمام گهڻو اڳتي وڌي وڃن ٿيون ۽ ڏوهاري بدعملِي جي برابر آهن“.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪانسٽيبل ثاقب ۽ حيدر، جوابدارن جا ”تابعدار“ بڻجي، ”ماڻهن جي حقن جي محافظ طور پنهنجي بنيادي فرض کي نظرانداز ڪيو“.
رپورٽ موجب، ”انهن جي غفلت ۽ جانبداري سبب جسماني حملو ٿيو ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي. جيڪڏهن اهي رڳو ايندڙ صورتحال بابت پنهنجي فوري سينيئر يا مقامي پوليس کي اطلاع ڏين ها ته وڌيڪ خراب صورتحال کي روڪي سگهجي ها. لاڳاپيل ضابطن تحت سندن بدعملي جي مناسبت سان انهن چئني اهلڪارن خلاف سخت کاتي اندر ڪارروائي جي سفارش ڪئي وڃي ٿي.“
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪورنگي ايس ايس پي جي حوالي سان ”نگراني ۾ غفلت ۽ ماتحت اهلڪارن تي ڪنٽرول جي کوٽ واضح آهي“. سندس مجموعي طرزعمل جو سول سرونٽس (ايفيشنسي اينڊ ڊسيپلين) رولز 2020ع جي روشني ۾ جائزو وٺڻ ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.
جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته پوليس آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي وڃي ته اهي اسٽاف ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن کي تربيت ۽ نگراني فراهم ڪن ته جيئن اهي قانون موجب ڪم ڪن ۽ عوام سان روزاني رابطن دوران ساٿي شهرين سان منصفاڻي ۽ عزت واري انداز ۾ پيش اچن.
رپورٽ جي پڄاڻي ۾ چيو ويو ته ”جڏهن پوليس اهلڪار تلخ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي منهن ڏين ته انهن جو فرض آهي ته قانون موجب عمل ڪن ۽ اهڙن معاملن کان پنهنجي فوري سينيئر کي آگاهه ڪن، بجاءِ ان جي ته اهڙن خاندان جي فردن کان هدايتون وٺن، جن کي اهڙيون هدايتون ڏيڻ جو اختيار حاصل ناهي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙين ڀڃڪڙين کان بچي سگهجي.“

پهنجو تبصرو موڪليو