راضي نامي تي ضمانت ڏيڻ کان انڪار،درخواست رد

راضي نامي تي ضمانت ڏيڻ کان انڪار،درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد فرھاد علي شاهه غيرت جي نالي تي قتل واري مقدمي ۾ ڌرين وچ ۾ ٿيل راضي نامو (صلح) مسترد ڪندي نامزد ملزمان محمد ناصر ۽ پرويز جون ضمانت واريون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن. ملزمان تي 18 ورھين جي نجماں مائيءَ کي غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو الزام آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قانوني نڪتو واضح ڪندي قرار ڏنو ته غيرت جي نالي تي قتل هڪ ناپذيرِ راضي نامو (غير قابلِ صلح) جرم آهي، ان ڪري اهڙي مقدمي ۾ راضي نامو ملزم کي ضمانت حاصل ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو ڏئي. جسٽس سيد فرھاد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نه ملڪي قانون ۽ نه ئي مذهب ڪنهن شخص کي نام نهاد غيرت جي نالي تي ڪنهن جي جان وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو، ۽ اهڙو عمل آئين جي آرٽيڪل 9 ۾ ڏنل زندگيءَ ۽ آزاديءَ جي بنيادي حق جي سخت منافي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو