قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي

قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي

لاہور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت قومي بچت جي اهم اسڪيمن “ڊيفينس” ۽ “بهبود” سيونگز سرٽيفڪيٽس جي منافعي جي شرح ۾ ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي ۽ سيپٽمبر 2026 لاءِ نوان ريٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.حڪومتِ پاڪستان قومي بچت (نيشنل سيونگز) جي معروف اسڪيمن “ڊيفينس سيونگز سرٽيفڪيٽس” ۽ “بهبود سيونگز سرٽيفڪيٽس” جي منافعي جي شرح ۾ ڪٽوتيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سيپٽمبر 2026 لاءِ نوان ريٽس جاري ڪيا ويا آهن. نئين منافعي تحت ڊيفينس سيونگز سرٽيفڪيٽس جي مدت 10 سال مقرر آهي، جنهن ۾ هڪ لک رپين جي سيڙپڪاريءَ تي ميچورٽي (مدت پوري ٿيڻ) وقت 3 لک رپيا حاصل ٿيندا. هڪ لک رپين جي سيڙپڪاريءَ تي پهرين سال 1 لک 10 هزار رپيا، ٻئي سال 1 لک 21 هزار رپيا، ٽئين سال 1 لک 33 هزار رپيا، چوٿين سال 1 لک 47 هزار رپيا ۽ پنجين سال 1 لک 63 هزار رپيا رقم مقرر ڪئي وئي آهي. ڇھين سال هڪ لک رپين جي سيڙپڪاريءَ تي 1 لک 82 هزار رپيا، ستين سال 2 لک 4 هزار رپيا، اٺين سال 2 لک 30 هزار رپيا ۽ نائين سال 2 لک 62 هزار رپيا حاصل ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو