اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 56 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 404 رپيا 97 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ پڻ 2 رپيا 27 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 389 رپيا 3 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 29 سيپٽمبر کان لاڳو










