ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ترقي بعد نيون مقرريون قبول نه ڪندڙ 63 سب رجسٽرارن مان 20 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي 43 آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي سوال اٿاريا ويا آهن.تفصيل موجب بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر خالد حيدر شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي 20 سب رجسٽرارن جي معطلي بابت سمري موڪلي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معطلي کان بچايل 43 آفيسرن مان ڪيترن جو تعلق بااثر سياسي شخصيتن، موجوده ۽ اڳوڻن صوبائي وزيرن سان آهي، جنهن سبب سموري ڪارروائي رڳو 20 آفيسرن تائين محدود رکڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي. ذريعن موجب، ضابطن تحت جيڪڏهن ڪو آفيسر ترقي قبول ڪرڻ نٿو چاهي ته اهو سندس قانوني حق آهي ۽ کيس ان لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهجي. متاثر آفيسرن جو موقف آهي ته جيڪڏهن ڪارروائي ضروري هئي ته سڀني 63 آفيسرن خلاف هڪجهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها. ٻئي طرف ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ۽ ٻين اهم شهرن ۾ مقرر موجوده سب رجسٽرارن کي هٽائي نون ترقي ماڻيندڙ آفيسرن لاءِ جايون ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب، ڇهن مهينن جي لازمي تربيت مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي ڪجهه پسنديده آفيسرن کي اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. رپورٽ موجب منظور ٿيل 8 خالي پوسٽن مان 5 تي آفيسر اڳ ئي انسپيڪٽر طور ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته باقي 3 خالي جايون ڀرڻ لاءِ 20 آفيسرن خلاف معطلي جي سفارش ڪئي وئي آهي. بورڊ آف روينيو جي ڪارروائي خلاف متاثر سب رجسٽرارن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن مبينا طور حڪمن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي معاملو عدالت ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سندس طرفان ڪو جواب نه ملي سگهيو.










