پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون
Maldives President Meet PM

پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم هائوس ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 20 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طبي ملازمن جي ڀرتي، دفاعي شعبي، فنون لطيفه ثقافت ۽ ورثي، سماجي تحفظ جي شعبي، آئي ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي، ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي ۽ فوڊ اٿارٽيز بابت تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون.انهي موقعي تي پاڪستان جي دوري تي آيل مالديپ جي صدر محمد معيزو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻه ۽ دوستانه لاڳاپا قائم آهن. مالديپ سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين.اسلامڪ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري تي صدر محمد معيزو کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته مالديپ جي صدر سان خوشگوار ملاقات ٿي. واپاري حجم ۾ اضافي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪنداسين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ واپاري، معاشي رابطن کي نئين بلندين تي کڻي وڃڻ لاءِ پرعزم آهن. تعليم، سياحت ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏني ويندي. پاڪستان مالپ سان گڏيل مفاد تي ٻڌل اقتصادي ڀائيواري جو خواهشمند آهي اسٽريٽجڪ ۽ معاشي رواداري تي ٻڌل مستحڪم ڀائيواري چاهين ٿا. مالديپ جي صدر جو دورو پاڪستاني لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.وزيراعظم علاقائي امن، ترقي ۽ عالمي فورمز تي مستقبل ۾ به گڏيل تعاون جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني ڊاڪٽرز ۽ معاون طبي معاملو مالديپ ۾ انساني جي خدمت ڪري رهيو آهي.فلسطين جي مسئلي جو ذڪر ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان فلسطين مسئلي جو منصفانو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو. مظلوم عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد، خودمختار فلسطيني قياست جو قيام ئي خطي ۾ مستقل امن جي ضمانت آهي. فلسطينين تي جاري ظلم جو خاتمو ۽ عالمي برادري جو ڪردار وقت جي ضرورت آهي نيوز ڪانفرنس ۾ وزيراعظم ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جو منصفانو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو، ڪشمير مسئلي جو حل يو اين قراردادن موجب ٿيڻ ضروري آهي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون عالمي برادري لاءِ فڪر جوڳيون آهن. ڪشميرين جي خواهشن ۽ عالمي قانون کان سواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي.هن ڀارت جي آبي دهشتگردي جو مسئلو به اٿاريو ۽ چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪابه ڪوشش جنگي قدم تصور ٿيندي، آبي جارحيت ۽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي.انهي موقعي تي صدر محمد معيزو جو چوڻ هو ته مالديپ پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان جو دورو ڪرڻ ۽ اتان ملندڙ مهمان نوازي تي دلي خوشي ٿي آهي. هن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته 2 سالن ۾ واپاري حجم کي 20 ڪروڙ ڊالر تائين کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين ٻئي ملڪ واپاري ۽ اقتصادي ڀائيواري کي نئين بلندين تي کڻي ويندا.مالديپ جي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ سياحت جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها رابطه ۽ ڀروسو اسان جي لاڳاپن جو اصل سرمايو آهن. محمد معيزو علاقائي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻندا.مالديپ جي صدر محمد معيزو کي اسلام آباد جي اسلامڪ يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويو. انهي موقعي تي صدر محمد معيزو جو چوڻ هو ته اسلامڪ يونيورسٽي جي طرفان ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري تي قيادت جو ٿورو ادا ڪريان ٿو اهو منهنجي فخر جوڳو آهي. اعزازي ڊگري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعليمي، ثقافتي رشتن جي نشاني آهي، علمي ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان ۽ مالديپ جا نوجوان وڌيڪ ويجهو ايندا.هوڏانهن مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو وزيراعظم هائوس پهتو جتي انهي جو پرجوش استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي اعزاز ۾ باضابطه استقباليه تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي جتي وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمانن جو پرجوش استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ هٿ ملائڻ دوران خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن مالديپ جي صدر کي سلامي ڏني ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو، سلامتي جي چبوتري تي مالديپ جي صدر سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف به موجود هو. مالديپ جي صدر گارڊ آف آنر جو معائنو به ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه جي ميمبرن ۽ وزيراعظم هائوس جي اعليٰ اختيارين جو مالديپ جي صدر سان تعارف ڪرايو. مالديپ جي صدر به پنهنجي وفد جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو. مالديپ جي صدر وزيراعظم هائوس جي پارڪ ۾ ٻوٽو به لڳايو ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي.مالديپ جو صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان سان ويجها لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد ۾ تعاون جا نوان شعبا ڳولا ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ مالديپ جي صدر جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ٿي انهي موقعي تي انهن مالديپ جي صدر ۽ انهي جي وفد جي پاڪستان پهچڻ تي آجيان ڪئي.نائب وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان مالديپ جي صدر کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. هن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سرمائيڪاري، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو.نائب وزيراعظم پاڪ مالديپ بزنس فورم ۾ مالديپ جي ڪاروباري وفد جي شرڪت جي آجيان ڪندي فورم جي ذريعي واپار ۽ سرمائيڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو. انهي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو پاڪستان ۾ پرجوش استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورو ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو