ايران پاران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ 7 ڏينهن واري منصوبي جي ٻيهر آڇ

ايران پاران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ 7 ڏينهن واري منصوبي جي ٻيهر آڇ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ ستن ڏينهن واري منصوبي جي ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايران قطر ذريعي ستن ڏينهن جو هڪ ٺوس منصوبو پيش ڪيو آهي، هاڻي فيصلو آمريڪا جي هٿ ۾ آهي. عباس عراقچي چيو ته ايران پنهنجي عوام، خودمختياري ۽ جائز مفادن جو دفاع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران ڪڏهن به پنهنجي پاڙيسري ملڪن تي حملو نه ڪيو، پر آمريڪي فوجي اڏن ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ۽ تباهه ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته بدقسمتيءَ سان آمريڪي فوجي اڏا ايران جي پاڙيسري ملڪن ۾ قائم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو