اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ آبادي ۾ تيزي سان اضافو صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ وڏو چيلينج بڻيل آهي. آبادي ۾ اضافي کي انساني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.عالمي بينڪ جي اهتمام هيٺ گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ۾ محمد اورنگزيب چيو ته ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي بابت آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آهي، آبادي بابت آگاهي جي لاءِ مذهبي اڳواڻن سان رابطو اهم آهي. عورتن جي تعليم ۽ روزگار ۾ شموليت وڌائڻ ضروري آهي.وفاقي ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي سربراهي ۾ قومي آبادي ڪونسل قائم ڪئي وئي آهي، آبادي، صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. آبادي کان معاشي فائدو کڻڻ لاءِ هنرمند ماڻهن کي تيار ڪرڻ ضروري آهي، نجي شعبي جي قيادت ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻا پوندا.هن چيو ته فري لائسنگ ۽ آءِ ٽي خدمتون نوجوانن جي آمدني وڌائڻ جا اهم موقعا آهن. ڊيجيٽل مهارت کي هٿي ڏيڻ سان پاڪستان جي برآمدات وڌائي سگهجي ٿي. آبادي ۾ اضافي جي چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل حڪومتي ڌيان ۽ انگن اکرن تي ٻڌل نتيجا ضروري آهن.ٻئي طرف ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آئي ايف سي جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي علاقائي نائب صدر سان ملاقات ڪئي. نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي، روزگار جي موقعن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آءِ ايف سي تعاون مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










