قاضي احمد ڀرسان ٻن ٽريلرن ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت

قاضي احمد ڀرسان ٻن ٽريلرن ۾ ٽڪر، ڊرائيور فوت

قاضي احمد(ن س)پوليس موجب قومي شاهراهه تي ٻن ٽريلرن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٽريلر جو ڊرائيور فوت، جڏهن ته ڪلينر زخمي ٿي پيو.
موٽر وي پوليس جي عملدارن موجب، ٽڪر کانپوءِ هڪ ٽريلر کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ان جو ڊرائيور فوت ٿي ويو.
فوتي ڊرائيور جي سڃاڻپ ميانوالي ضلعي جي رهواسي منظور احمد طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمي ڪلينر کي طبي علاج لاءِ قاضي احمد جي تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ٻنهي ٽريلرن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو