قطر جي وزيراعظم نيتن ياهو کي جنگي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

قطر جي وزيراعظم نيتن ياهو کي جنگي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي جنگي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. برطانوي براڊڪاسٽر پيئرز مورگن کي انٽرويو ڏيندي قطر جي وزيراعظم چيو ته غزا ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو ويو، اهو جنگي ڏوهه آهي ۽ ان جو جيڪو به ذميوار آهي، اهو جنگي ڏوهاري آهي.شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني حماس جي فوجي ڪاررواين جي مالي مدد بابت لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ته اسرائيلي حڪومت قطر خلاف مهم هلائي، جنهن جو مقصد ثالث طور قطر جي ڪردار کي ڪمزور ڪرڻ هو. قطر جي وزيراعظم چيو ته غزا ۾ اسپتالن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻايو ويو، اهڙين ڪاررواين کي ڪو به جواز يا دليل درست ثابت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته نيتن ياهو سميت جيڪو به انهن ڪاررواين جو ذميوار آهي، اهو جنگي ڏوهاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو