پي ٽي آءِ لانگ مارچ، پنجاب حڪومت پاران فوج ۽ رينجرز طلب

پي ٽي آءِ لانگ مارچ، پنجاب حڪومت پاران فوج ۽ رينجرز طلب

لاهور/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 27 سيپٽمبر تي ممڪن لانگ مارچ جي اڳواٽ تيارين دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پنجاب حڪومت فوج ۽ رينجرز جي مقرري لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ ميانوالي ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب جي گهرو کاتي راولپنڊي ۾ فوج جي مقرري پڻ گهري آهي. انهن علائقن ۾ فوج ۽ رينجرز جي مقرري 5 آڪٽوبر تائين ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ اها درخواست ڪئي، جڏهن ته معاملو پنجاب ڪابينا جي قائم مقام ڪميٽي قانون ۽ انصاف ۾ پڻ غور هيٺ آيو. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظامن تحت پنجاب ۽ سنڌ مان اضافي پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي. اسلام آباد پوليس پنجاب کان 16 هزار ۽ سنڌ کان 2 هزار اهلڪار گهرايا آهن. ذريعن موجب پنجاب ۽ سنڌ مان 3 ڊي آءِ جيز، 7 ايس ايس پيز ۽ 18 ايس پيز پڻ طلب ڪيا ويا آهن. اسلام آباد پوليس جي اضافي نفري ۽ سامان سان لاڳاپيل انتظام 26 سيپٽمبر جي شام تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن. سيڪيورٽي تيارين جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۽ اٽڪ ۾ وڏي انگ ۾ ڪنٽينر پڻ منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اٽڪ ضلعي ۾ 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن جي مقرري بابت پڻ رپورٽون سامهون آيون آهن. پي ٽي آءِ 27 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري رکيو آهي، جڏهن ته حڪومت ۽ انتظاميا طرفان احتجاج دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي انتظام تيز ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو