عوامي خدمت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي

عوامي خدمت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان مختلف علائقن جي شهرين ۽ عوامي نمائندن ملاقات ڪئي ۽ انهن کي انهن جي علائقن جي مختلف مسئلن ۽ شڪايتن کان آگاهه ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل کاتن ۽ آفيسرن کي عوامي مسئلن ۽ شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ بروقت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ۽ هدايت ڪئي ته مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن شهرين کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن جي حل ۽ ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن تي يقين رکي ٿي.ان موقعي تي ڳالهائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوامي خدمت سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ صوبي ۾ بنيادي شعبن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ صحت جي نظام ۾ اهم بهتري آئي آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ تعليم جي شعبن ۾ پڻ اهم قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته راندين جا ميدان ٺاهيا پيا وڃن ۽ نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ سڌو رابطو مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن کي سرگرم رکيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت عوام جي شڪايتن جي ازالي، انهن کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي بروقت حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو