اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ تائين پارٽي سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.گفتگو ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنٽينر حفاظتي قدمن طور رکيا ويا آهن، جڏهن ته اهي روڊن جي ڪنارن تي موجود آهن ۽ شهر جون روڊون کليل آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت سان بئڪ ڊور رابطا اڃا به موجود آهن، پر لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ تائين انهن سان باقاعده ڳالهين جو امڪان ناهي. رانا ثناءُالله جو چوڻ هو ته لانگ مارچ بابت رڳو بيان ڏنا پيا وڃن، عملي طور تي مارچ نه ٿيندو. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنهن کي به چڙهائي ڪرڻ يا شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.










