موٽر وي بند، اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رينجرز مقرر

موٽر وي بند، اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رينجرز مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 27 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ طرفان وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ڏانهن رٿيل مارچ کان اڳ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (ICT) ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
گهرو وزارت ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، رينجرز جي مقرري 20 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين منظور ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي: ”اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر ۽ پنجاب حڪومت جي گهرو کاتي طرفان ڪيل درخواست جي بنياد تي وفاقي حڪومت خوشيءَ سان پاڪستان رينجرز (پنجاب) جي مناسب تعداد ۾ اهلڪارن کي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ٿي.“
رينجرز جي مقرري پاڪستان رينجرز آرڊيننس 1959ع جي شقن 7(ب) ۽ 10، ۽ دهشتگردي جي روڪٿام واري ايڪٽ 1997ع جي شقن 4 ۽ 5 تحت ڪئي وئي آهي. رينجرز اهلڪار انهن قانونن تحت مقرر ڪيل ذميواريون انجام ڏيندا ۽ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر يا صوبائي حڪومت جي اختيار تحت ڪم ڪندا.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي: ”مقرر ڪيل اهلڪار پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران سامهون ايندڙ ڪنهن به خطري يا پرتشدد سرگرمي جي صورت ۾، موجوده قاعدن ۽ ضابطن موجب، پنهنجي بچاءَ لاءِ مناسب جوابي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.“
گهرو وزارت الڳ هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن شرپسند يا هٿياربند گروهن طرفان حملا ڪيا وڃن ته رينجرز ۽ پوليس پنهنجي بچاءَ ۾ سمورا مناسب ۽ ضروري جوابي قدم کڻندا ۽ ڪنهن به پرتشدد سرگرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري اپاءَ وٺندا.
رينجرز جي مقرري اهڙي وقت ڪئي وئي آهي، جڏهن مخالف ڌر جي رٿيل مارچ کان اڳ اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ انتظاميا سيڪيورٽي جا قدم وڌيڪ سخت ڪري رهي آهي.
پنجاب حڪومت اربع ڏينهن وفاقي حڪومت کان درخواست ڪئي هئي ته 22 سيپٽمبر کان 5 آڪٽوبر تائين راولپنڊي، اٽڪ، جهلم ۽ ميان والي ضلعن ۾ رينجرز مقرر ڪئي وڃي، جيئن صوبائي پوليس کي امن امان برقرار رکڻ ۾ مدد ملي سگهي.
ان دوران اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ قلم 144 پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پنجاب حڪومت جي درخواست اڳ ۾ ئي راولپنڊي ۾ فوج تعينات آهي. خميس ڏينهن وفاقي حڪومت پشاور کان اسلام آباد وارو موٽر وي به ٽريلر ۽ ٽرڪون بيهاري بند ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو