پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر گرفتار

پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر گرفتار

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ح۾اد اظهر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن چيو ته حماد اظهر کي ملتان مان گرفتار ڪري لاهور پوليس جي حوالي ڪيو ويو.پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي ته حماد اظهر 9 مئي جي مختلف واقعن ۾ ملوث آهي. حماد اظهر 9 مئي 2023 کان اشتهاري هو. پوليس ذريعن چيو ته حماد اظهر کي آر اي بازار جي ڀرسان گرفتار ڪيو ويو. حماد اظهر کي انهي جي ويجهي دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر 9 مئي جي او آر گيٽ حملي ڪيس ۾ گهربل هو.دهشتگردي جي انت واري عدالت پيش نه ٿيڻ تي حماد اظهر کي اشتهاري قرار ڏنو هو. عدالت حماد اظهر جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا. پوليس ذريعن چيو ته حماد اظهر کي انويسٽيگيشن ونگ جي حوالي ڪيو ويو آهي. حماد اظهر 9 مئي جي 50 کان وڌيڪ ڪيسز ۾ به نامزد آهي، حماد اظهر لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ کان حفاظتي ضمانت جي لاءِ رابطو ڪري رکيو آهي.ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ حماد اظهر پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ حماد اظهر کي پنجاب جي صدر جي ذميواري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو