پي ٽي آءِ دهشتگردن جي مالي مدد ۾ ملوث آهي: تارڙ

پي ٽي آءِ دهشتگردن جي مالي مدد ۾ ملوث آهي: تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته سياست جا به ڪجهه اصول هوندا آهن، پي ٽي آءِ سموريون حدون پار ڪري چڪي آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت هر شعبي ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.اسلام آباد ۾ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جي موجوده قيادت جي نيت ۽ طبيعت ٻئي خراب آهن، پنهنجي موقف تي قائم آهيان ته خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي بي ٽيم آهي.هن چيو ته اي اين پي، مسلم ليگ(ن) جي يو آءِ جي قيادت دهشتگردي جي خلاف حياتين جون قربانيون ڏئي چڪي آهي، صرف پي ٽي آءِ کي دهشتگرد ڪجهه نٿا چون، ائين ڇو آهي؟ پي ٽي آءِ دهشتگردن جي مالي مدد ۾ ملوث آهي.وفاقي وزير اطلاعات چيو ته ڪي پي ڪي ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ڇو هلي رهيون آهن؟ ڪي پي ۾ موٽر سائيڪلن تي به نمبر پليٽ موجود نه آهي، پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين کي ڄاڻي واڻي قانوني دائري ۾ نه پئي آڻي، اهي ئي نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون دهشتگرد ڪارروائين ۾ استعمال ٿينديون آهن.عطاءُالله تارڙ چيو ته ڇا هي ٻڌائي سگهن ٿا ته صوبي ۾ صحت جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، ساڍا 12 سالن کان وڌيڪ وقت کان انهن خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪئي آهي پر خيبرپختونخواهه جي عوام بنيادي سهولتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين صوبن جو رخ ڪندي آهي.اطلاعات واري وزير چيو ته گهرو وزارت خيبرپختونخواهه پوليس جي لاءِ جديد گاڏيون ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر انهن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسان جو پڪو ارادو آهي ته دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان ختم ڪنداسين، پي ٽي آءِ قيادت خيبرپختونخواهه پوليس کي دهشتگردن جي رحم ڪرم تي ڇڏي رکيو آهي.عطاءُالله تارڙ چيو ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي، سرفراز بگٽي بهادر ۽ باصلاحيت وزيراعليٰ آهي. گذريل هڪ سال ۾ نيشنل ايڪشن پلان ۾ سهيل آفريدي ۽ سرفراز بگٽي جي ميٽر گز جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. سرفراز بگٽي کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي جيڪو دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيو آهي.وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت فنڊ پوليس جي بجاءِ ڌرڻن تي خرچ ڪري رهي آهي. خيبرپختونخواهه حڪومت پوليس کي پي ٽي آءِ جو سياسي ونگ بنائڻ چاهي ٿي، صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن کي ختم ڪري انهي سمورين مقررين جو اختيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي، هي حساب ڏين ته ڪائونٽر ٽيررازم جي مد ۾ ملندڙ اين ايف سي جو حصو انهن ڪٿي خرچ ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور طريقي سان عمل ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي نه نيشنل جي خبر آهي نه ايڪشن جي ۽ پلان کان به لاعلم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو