پي ٽي آءِ  هاڻ اسٽيبلشمينٽ نه، پ پ، (ن) ليگ خلاف نڪرندي

پي ٽي آءِ هاڻ اسٽيبلشمينٽ نه، پ پ، (ن) ليگ خلاف نڪرندي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينئر سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڊائريڪشن تبديل ڪري ڇڏي آهي، هاڻ اها اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه نڪرندا، پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت خلاف ۽ صوبن جي حمايت ۾ نڪرندي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته لنڊن پلان جان بچايو پلان آهي، جنهن جو مقصد عوام کان پنهنجي جان، مال ۽ حڪومت بچائڻ آهي، سنڌ جي ورهاست جو ڪوبه بل اڃان سامهون نه آيو آهي پر پ پ ٻڌل، ڏٺل، ماحول ٺاهڻ ۽ گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان بهاوالپور ۽ هزاره صوبو ٺاهينداسين ڏسون ٿا اسان کي ڪير روڪي ٿو انهي جي منظوري مون پاڻ ڏني آهي.هن چيو ته ووٽ بينڪ نه هجڻ سبب پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) ۾ اليڪٽ ايبلز جي ڪابه دلچسپي ۽ ڪشش نه رهي. چونڊن کان اڳ ووٽ بينڪ ته نه رهيو هو، هاڻ سپورٽ بينڪ به ختم ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ڊائريڪشن تبديل ڪري ڇڏي آهي. هاڻ اها اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه نڪرندي، پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي حڪومت خلاف ۽ صوبن جي حمايت ۾ نڪرندي.هن چيو ته اڍائي سالن کان اهو چئي رهيو هئس، پي ٽي آئي جنگي مشين نه آهي، اها تڪرارن کي ڇڏي سياست ڪري، حڪومت جي خلاف ڳالهائي، انهي کي سياسي شيئر به ملندو. اها ڳالهه پي ٽي آءِ کي هاڻ سمجهه ۾ اچي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آئي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ انهي موقعي مان فائدو کڻڻ جو طئي ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ(ن) وارا هاڻ جيتري مرضي ڪوشش ڪري وٺن هاڻ پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نه نڪرندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ماڻهو عوام جي ووٽ بينڪ جي دٻاءُ سبب ڪٿي به نه وڃي سگهيا جڏهن ته مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ وٽ پنهنجي اليڪٽ ايبلز کي ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه به نه آهي، نه هي معيشت صحيح ڪري سگهيا ۽ نه عوام کي ڪجهه ڊليور ڪري سگهيا، عوام هنن سان گڏ نه آهي هاڻ اسٽيبلشميٽ به انهي سان گڏ نه رهي ته هي ايندڙ چونڊون به کٽي نٿا سگهن.هڪ سوال تي هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس تي ٻڌل هوندي آهي، عوام به مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس هوندي آهي، مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ اشرافيه جي نمائنده پارٽيون بڻجي چڪيون آهن. هنن جي جهازن جا پيٽرول هلندا رهيا پر موٽر سائيڪل جو پيٽرول مهانگو ڪيو ويو.مولانا فضل الرحمان جي اپوزيشن سان گڏجڻ واري سوال تي سينئر سياستدان محمد علي دراني چيو ته مولانا جي هجڻ کان وڌيڪ ڏسڻ واري ڳالهه اها آهي ته ڇا پي ٽي آءِ ڪمري جي ٻاهر مولانا سان گڏ هوندي؟ هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته صورتحال دلچسپ ٿي وئي آهي ڇو ته سياستدان ميدان ۾ کيڏي رهيا آهن. پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) چاهي ٿي ته عوام جي مشهوري بحال ٿي سگهي ۽ اقتدار به بچي وڃي. هن جو چوڻ ته ٽيون حدف انهن جو اهو آهي ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان وڙهندي رهي، پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جي بقا انهي ۾ آهي ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان وڙهندي رهي، پي ٽي آءِ اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي هاڻ پي ٽي آءِ انهي سازش جو شڪار نه ٿيندي. اها هاڻ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ٻاهر نه نڪرندي پر حڪومت جي خلاف نڪرندي. صوبي جي حق ۾ نڪرندي. پ پ ۽ مسلم ليگ)ن) جي خلاف نڪرندي.

پهنجو تبصرو موڪليو