پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگرديءَ جي خطرن جو جائزو وٺڻ لاءِ صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊيءَ جي صدارت هيٺ پشاور ۾ خاص سيڪيورٽي معاملن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي جي امن امان واري صورتحال ۽ دهشتگرديءَ جي امڪاني خطرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سڄي صوبي ۾ صورتحال پرامن ۽ معمول موجب رهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوليس، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت وڌائڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ پوري طاقت ۽ عزم سان جاري رکي ويندي، جڏهن ته عوام سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندو.










