اسيمبليون چاهينديون ته اڪثريت سان صوبا ٺاهيا ويندا: تارڙ

اسيمبليون چاهينديون ته اڪثريت سان صوبا ٺاهيا ويندا: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهين ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نوان صوبا به ٺاهيا ويندا.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڀ کان وڏو مسئلو چونڊون ڪرائڻ هو، ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون پرامن ۽ شفاف هيون.صوبن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهين ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نوان صوبا به ٺاهيا ويندا.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي ۽ نواز شريف کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چونڊڻ جو حق حاصل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو