اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان گڏيل پوليس ايڪٽ تي شديد خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پنهنجي فوج ۽ پوليس نٿا ٺاهي سگهن، صوبا ڪنهن به صورت ۾ مادر پدر آزاد نه آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته آئين، قانون موجب پوليس سروس آف پاڪستان(پي ايس پي) جي رولز ۾ ڪابه تبديلي نٿي ڪري سگهجي، دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ ۽ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي ڪمانڊ اسٽرڪچر کي تباهه نٿو ڪري سگهجي.خيبرپختونخواهه ڪابينه گذريل ڏينهن پوليس ايڪٽ 2026 جي مسودي جي منظوري ڏني هئي جنهن ۾ صوبائي پوليس سربراهه جي مقرري ۽ پوليس جي پاليسي، انتظامي، آپريشنل ۽ مالي معاملن ۾ صوبائي حڪومت جا اختيار وڌائڻ جون تجويزون شامل آهن. گڏيل قانون جي تحت انسپيڪٽر جنرل پوليس(آئي جي) جي مقرري لاءِ وفاقي حڪومت ٽن آفيسرن تي ٻڌل پينل صوبائي حڪومت ڏانهن اماڻيندو، صوبائي حڪومت کي انهي پينل مان ڪنهن هڪ آفيسر جي چونڊ ڪرڻ يا پوري پينل کي رد ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو.مسودي ۾ ريجنل پوليس آفيسرن(RPOs) ۽ ضلعي پوليس آفيسرن (DPOs) جي بدلين ۽ مقررين بابت اختيارن ۾ به تبديلي جي تجويز ڪئي وئي آهي. اهڙن اختيارن کي وزيراعليٰ ۽ گهرو وزارت جي اختيار جي دائري ۾ ڏيڻ جي تجويز آهي.طلال چوڌري پريس ڪانفرنس م گڏيل ايڪٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙي قانونسازي آئين ۽ پي ايس پي رولز جي ڀڃڪڙي آهي. طلال چوڌري موجب اوهان صرف آئي جي جا اختيار واپس ناهن ورتا پر پوري ڪمانڊ اسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي کان آئي جي تائين مقرري جو اختيار وزيراعليٰ پنهنجو پاڻ وٽ رکيو آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا پوليس اهڙي طرح دهشتگردي جي خلاف وڙهي سگهندي؟ هن وڌيڪ سوال ڪيو ته ڇا پوليس پنهنجي آفيسرن جي بجاءِ هاڻ سياسي نمائندن جي طرف ڏسندي؟ طلال چوڌري موجب پوليس ۾ مقررين بابت مشاورت ۽ هدايت جو اختيار اڳ ئي سمورن وزيراعليٰ وٽ آهي. هن سوال اٿاريو ته اهو صوبو جيڪو گذريل پندرنهن ويهن سالن کان دهشتگردي جو شڪار آهي ڇا انهي وٽ ايتري طاقت آهي جو اهو پوليس جي لاءِ مڪمل انفراسٽرڪچر جوڙي سگهي؟ سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ ڪرائي جي بلڊنگ ۾ آهي، اچو پنجاب ۾ ڏسو جتي سي ٽي ڊي ڊپارٽمينٽ هوندو آهي اهو بلٽ پروف عمارت ۾ هوندو آهي. ڪرائي جي عمارت ۾ ڪيترائي ڀيرا دهشتگرد حملا ڪري چڪا آهن. هن چيو ته الله الله ڪري موجوده آئي جي خيبرپختونخواهه سيف سٽي پشاور مڪمل ڪيو هاڻ صوبائي حڪومت چاهي ٿي ته انهي جو به سڄو ڪنٽرول پاڻ وٽ وٺي ڇڏي.مملڪتي وزير چيو ته اهڙن قدمن سان پاڪستان ۾ فورس جو مورال ڊي مورالائز نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي اهڙي مثال قائم ڪري سگهجي ٿي ته ٻين صوبن جي فورسز به هڪ ٻئي کي ڏسي اهڙي نوعيت جو ڪمانڊ اسٽرڪچر اختيار ڪري. هن چيو ته ٽرانسفر ۽ پوسٽ جي حوالي سان آئي جي ۽ ٻين آفيسرن جي اختيارن بابت اهڙي نوعيت جا معاملا اڳ ئي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ بحث هيٺ اچي چڪا آهن قانون سازي جي خلاف فيصلا به سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ به اهڙي طرح جا ڪيترائي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ وڃي چڪا آهن انهي لاءِ اهو معاملو عدالت ۾ چيلينج هوندو.مملڪتي وزير چيو ته وفاق هر معاملي کي آئين ۽ قانون جي نظر سان ڏسندو آهي، اهڙي ڪابه شيءَ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن دهشتگردي جي خلاف جنگ عروج تي آهي پوليس کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش قبول جوڳي نه آهي.










