دهلي ۾ احتجاج، انٽرنيٽ بند، زندگي متاثر، سخت سيڪيورٽي، سوين گرفتار
Protest in India, tight security
Protests in India, mass arrests

دهلي ۾ احتجاج، انٽرنيٽ بند، زندگي متاثر، سخت سيڪيورٽي، سوين گرفتار

دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي گاديءَ واري شهر دهلي ۾ ’ڪاڪروچ جنتا پارٽي‘ جي تازي احتجاج کي روڪڻ لاءِ هزارين سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي رستن کي رڪاوٽون لڳائي بند ڪيو ويو آهي.
احتجاجي تحريڪ جي دعويٰ آهي ته ان جو اڳواڻ اڀيجيت ديپڪي به انهن سوين ماڻهن ۾ شامل آهي، جن کي جمعي جي شام کان وٺي حراست ۾ ورتو ويو آهي. بي بي سي جي نمائندي موجب، احتجاج ڪندڙن جي تحريڪ حڪومتي حلقن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس جهاز ۾ اڀيجيت ديپڪي ڏانهن وڌي رهي آهي، جڏهن ته هو ۽ ٻيا ماڻهو ”انقلاب زنده باد“ جا نعرا هڻي رهيا آهن.
ديپڪي اڳ ئي چئي چڪو آهي ته هو جيل وڃڻ لاءِ تيار آهي. هن مئي ۾ اها تحريڪ لڳ ڀڳ مذاق طور شروع ڪئي هئي، جڏهن ڀارت جي چيف جسٽس سوريا ڪانت بيروزگار نوجوانن کي ”ڪاڪروچ“ سان تشبيهه ڏني هئي.
وقت گذرڻ سان گڏ تحريڪ زور وٺندي وئي، ڇاڪاڻ ته ان بيروزگاري، امتحاني پرچن جي ليڪ ٿيڻ ۽ حڪومت جي جوابدهيءَ بابت عوامي ڪاوڙ کي آواز ڏنو. اڄوڪي احتجاج ۾ چونڊ سڌارن ۽ ڀارت جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
بي بي سي جي نمائندي گيتا پانڊي موجب، دهلي جو ماحول اهڙو محسوس ٿي رهيو آهي، ڄڻ شهر جو گهيرو ڪيو ويو هجي.
جولاءِ ۾ هن تحريڪ جي آخري وڏي احتجاج دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ پرتشدد چڪريون ٿيون هيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت جي تعليم واري وزير کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي هئي.
سک گوردواري مان نڪرندڙ مظاهرين تي لٺبازي
دهلي جي مشهور سک عبادتگاهه بنگلا صاحب گوردواري ۾ پناهه وٺي ويٺل ڪجهه مظاهرين تي مبينا طور سيڪيورٽي اهلڪارن لٺبازي ڪئي ۽ کين زبردستي بسن ۾ ويهاريو، جڏهن اهي جنتر منتر ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
مظاهرين بي بي سي کي ٻڌايو ته جمعي کان لڳ ڀڳ 600 ماڻهو گوردواري اندر پناهه وٺي ويٺل هئا، جن مان لڳ ڀڳ 300 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
دهلي پوليس ڏينهن دوران حراست ۾ ورتل ماڻهن جي انگ بابت عوامي طور ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي.
ڏکڻ ڀارت جي شهر حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سافٽ ويئر انجنيئر اجئي زنگاڊي چيو ته، ”اسان صبح کان جنتر منتر ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر پوليس اسان کي اڳتي وڌڻ نٿي ڏئي. ڪجهه وقت اڳ اسان تي لٺبازي پڻ ڪئي وئي.“
ٻئي طرف گوردواري ڏانهن ويندڙ رستن تي وڏي تعداد ۾ رنڊڪون لڳايون ويون آهن ۽ علائقي ۾ وڏي پيماني تي سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
سخت ڪارروائين باوجود مظاهرين جو چوڻ آهي ته هو پوئتي نه هٽندا ۽ جنتر منتر پهچڻ جون ڪوششون جاري رکندا.
ششي ٿرور پاران سيڪيورٽي انتظامن تي تنقيد
ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ گڏيل قومن جي اڳوڻي سينيئر سفارتڪار ششي ٿرور دهلي ۾ پوليس ۽ نيم فوجي دستن جي ”جنگ جهڙي مقرري“ کي شرمناڪ قرار ڏنو آهي.
هن سوشل ميڊيا تي لکيو ته، ”مان رات جو ٻين وڳي کانپوءِ گاديءَ واري شهر واپس پهتس، پر دهلي ۾ هن وقت جيڪي حالتون ڏسي رهيو آهيان، اهڙيون حالتون مون تمام گهٽ ڏٺيون آهن.“
ٿرور وڌيڪ لکيو ته شهرين جي آزاداڻي اچ وڃ تي مڪمل پابنديون لڳايون ويون آهن، جنهن جو مقصد شهرين کي چونڊن جي شفافيت بابت پرامن نموني سوال اٿارڻ کان روڪڻ آهي.
هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ رجعت پسند ۽ جابراڻو قدم گاديءَ واري شهر جي مرڪزي حصي ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ آهي.
ششي ٿرور موجب، جيڪا حڪومت چونڊن جي شفافيت بابت سوالن کان بچڻ لاءِ پنهنجي گاديءَ واري شهر کي قلعي ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿي، اها حقيقت ۾ انهن شڪن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي، جن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته رستن تي رنڊڪون لڳائڻ سان اليڪشن ڪميشن تي عوام جو اعتماد بحال نه ٿيندو. عوام جي سوالن جا جواب جيترو جلد ڏنا ويندا، اوترو جلد صورتحال معمول تي ايندي.
”جتي روڪيو ويندو، اهو ئي اوهان جو جنتر منتر هوندو“: ڪاڪروچ جنتا پارٽي
ڪاڪروچ جنتا پارٽي پنهنجي حامين کي جنتر منتر ڏانهن مارچ ڪرڻ جي اپيل ڪندي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي.
پارٽي جي نئين نامزد اڳواڻ اجنڪيا شندي وڊيو ۾ چيو ته، ”جيڪڏهن دهلي پوليس اوهان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته جتي به اوهان کي روڪيو ويندو، اهو ئي اوهان جو جنتر منتر هوندو.“
اها اپيل سماجي ڪارڪن نيها بورا جي ان اپيل جهڙي آهي، جنهن ۾ هن ماڻهن کي چيو هو ته کين جتي روڪيو وڃي، اتي ئي احتجاج ڪن.
امڪان آهي ته جنتر منتر تي هڪ وڏو احتجاج ٿيڻ بدران دهلي جي مختلف هنڌن تي ننڍا ننڍا مظاهرا ٿيندا.
دهليءَ جي مشهور مارڪيٽ ۾ ويرانگي
ڇنڇر جي منجهند دهلي جي مشهور جنپٿ مارڪيٽ ۾ عام طور هفتي جي مصروف ترين وقتن مان هڪ هوندو آهي، پر اڄ اتي ماڻهن جي اچ وڃ تمام گهٽ آهي.
عام طور سياح ۽ مقامي ماڻهو رنگين ڪپڙا، زيور، ٿيلها، هٿ جا ٺهيل هنر ۽ يادگاري شيون خريد ڪرڻ لاءِ هن مارڪيٽ ۾ ايندا آهن. مارڪيٽ جون سوڙهيون گهٽيون خريدارن ۽ ريڙهي وارن سان ڀريل هونديون آهن. پر اڄ شٽر ڊائون آهن مڪمل سناٽو آهي، وڏيون لوهي رنڊڪون ۽ پوليس اهلڪارن جون قطارون نظر اچي رهيون آهن. سڄي علائقي جو ماحول ڄڻ لاڪ ڊائون جهڙو بڻيل آهي.
بي بي سي جي نمائندي پوليس اهلڪارن کان مارڪيٽ اندر وڃڻ جي اجازت گهري، پر پريس ڪارڊ ڏيکارڻ باوجود کين اجازت نه ڏني وئي.
رڳو صحافين کي ئي واپس نه موٽايو پئي ويو، پر عام سياح به پريشان نظر آيا. هڪ سياح چيو ته، ”ڪاش مان ڪالهه ئي خريداري ڪري وٺان ها، هاڻي ته خريداري ڪري نه سگهندس.“
دهلي جي مشهور مارڪيٽن مان هڪ ۾ اهڙو منظر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته احتجاج کي روڪڻ لاءِ سخت حفاظتي پابندين سبب گاديءَ واري شهر جا ڪيترائي حصا لڳ ڀڳ مفلوج ٿي ويا آهن.
”ثابت قدم رهو“: گرفتار ڪارڪن جي حامين کي اپيل
دهلي پوليس جي حراست ۾ ورتل شاگرد اڳواڻ نيها بورا ماڻهن کي گاديءَ واري شهر جي اهم آمدورفت واري هنڌ صفدرجنگ فلاءِ اوور تي گڏ ٿيڻ ۽ اتي ڌرڻو هڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.
بورا سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لکيو ته، ”مان حراست ۾ آهيان، پر تحريڪ حراست ۾ ناهي. جيڪڏهن اوهان اچي سگهو ٿا ته پهچو. جيڪڏهن اوهان کي روڪيو وڃي ته جتي آهيو، اتي ئي ويهي رهو ۽ پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهو.“
اڃا واضح ناهي ته بورا اها پوسٽ ڪهڙي هنڌ تان ڪئي. بورا لاءِ انگريزيءَ ۾ ’they/them‘ ضمير استعمال ڪيا وڃن ٿا.
مخالف ڌر جي اڳواڻ ممتا بينرجي گرفتار
ڀارت جي اولهه بنگال رياست جي اڳوڻي وڏي وزير ممتا بينرجي کي دهلي جي سائوٿ ايونيو واري علائقي مان پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ڀارتي خبرن جي اداري پي ٽي آءِ موجب، سندس پارٽي ترنمول ڪانگريس جا ٻيا اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ حراست ۾ ورتا ويا.
مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ان وقت روڪيو ويو، جڏهن اهي مرڪزي دهلي ڏانهن مارچ ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي ڌرڻو هڻي ويٺا هئا. سندن مطالبو هو ته 13 ڪروڙ ووٽر ختم ڪرڻ وارو چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار استعيفيٰ ڏئي.
سائوٿ ايونيو، ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي الڳ احتجاج لاءِ مقرر ڪيل هنڌ جنتر منتر کان لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ڪلوميٽر پري آهي.
ڏينهن جي شروعات ۾ صحافي احتجاج جي ڪوريج لاءِ جنتر منتر ڀرسان گڏ ٿيا هئا، پر ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ انهن مان گهڻا واپس هليا ويا، ڇاڪاڻ ته کين اتي ڪنهن وڏي سرگرميءَ جي اميد نه هئي.
بي بي سي جي نمائندي موجب، جڏهن هوءَ ان علائقي مان رواني ٿي ته پوليس ۽ نيم فوجي اهلڪار اڃا تائين چوڪسيءَ تي مقرر هئا. ڪيترائي اهلڪار ڇانوَ ۾ ويٺل هئا، جڏهن ته ڪجهه ننڍن ٽولن جي صورت ۾ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا.
جنتر منتر ڏانهن مارچ ڪرڻ لاءِ هزارين مظاهرين جي اچڻ جي اميد هئي، پر اهي ان هنڌ جي ويجهو به پهچي نه سگهيا. ان باوجود سيڪيورٽي اهلڪار چوڪس رهيا.
پوليس شهر جي مختلف حصن مان مظاهرين کي حراست ۾ وٺڻ جو سلسلو پڻ جاري رکيو، جڏهن ته سوين ماڻهو مرڪزي دهلي پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو