اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان هاڻ معاشي استحڪام سبب معاشي ترقي طرف سفر ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ احتجاج ۽ ڌرڻن سبب معيشت کي روزاني 120 ارب روپين جو نقصان ٿيندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس آهي، مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ به مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي اسان جو سفر معاشي استحڪام کان معاشي ترقي جاري آهي.محمد اورنگزيب چيو ته بدقسمتي سان وچ اوڀر جي صورتحال سبب سڀ متاثر ٿي رهيا آهن، وچ اوڀر جي صورتحال عالمي واپاري جي لاءِ وڏي چيلنجز جو سبب آهي. چين جي سپلائي ۾ رنڊڪ، فريٽ ۽ انشورنس خرچن ۾ اضافو عالمي واپار کي متاثر ڪري رهيو آهي.هن چيو ته موجوده حالتن ۾ مارچ، هڙتالن ۽ ڌرڻن جون ڳالهيون سمجهه کان مٿانهيون آهن. مارچ ڌرڻن ۽ هڙتالن سبب معاشي ترقي جو سفر متاثر ٿي سگهي ٿو. احتجاج ۽ ڌرڻن سبب معيشت کي روزاني 120 ارب روپين جو نقصان ٿيندو.ناڻي واري وزير چيو ته معاشي سرگرمين ۾ معطلي پاڪستان جي لاءِ پاڻ پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيل نقصان ٿي سگهي ٿو. معاشي معطلي سان سروسز سيڪٽر کي روزاني تقريبن 86 ارب، صنعتي شعبي کي روزاني تقريبن 25 ارب روپين جي نقصان جو امڪان آهي. جڏهن ته 17 ارب روپين جي روينيو نقصان جو به امڪان آهي. محمد اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته دشمن طاقتون ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پٺيان آهن.










