اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اقتصادي جائزي بابت ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران آءِ ايم ايف مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ برقرار رکڻ تي زور ڏيندي مهانگائي تي ضابطي لاءِ شرح سود سخت رکڻ جي تجويز ڏني آهي.اقتصادي ٽيم آءِ ايم ايف مشن سان ٿيل مختلف اجلاسن دوران ملڪ جي معاشي انگن اکرن ۽ موجوده معاشي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جو معاشي آئوٽ لڪ مستحڪم آهي، رپيو مستحڪم رهڻ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مقرر هدف کان گهٽ رهڻ جي توقع آهي. حڪومت موجوده مالي سال دوران معاشي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو رکڻ جو هدف برقرار رکيو آهي، جڏهن ته بريفنگ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وچ اوڀر جي جاري تڪرار جو مجموعي معاشي آئوٽ لڪ تي وڏو اثر نه پوندو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايڪسچينج ريٽ ۽ شرح سود جي معاملن تي اختلاف پڻ سامهون آيا آهن. آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته مهانگائي تي ضابطي لاءِ شرح سود سخت رکڻ ضروري آهي، جڏهن ته پاڪستاني اختيارين موجب ڊسمبر کانپوءِ مهانگائي ۾ بتدريج گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جون برآمدات 34 ارب ڊالر ۽ پرڏيهي ملڪن مان موڪليل ناڻو 45.5 ارب ڊالر تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته درآمدات 69 کان 70 ارب ڊالر ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2.5 کان 3 ارب ڊالر رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 80 ڊالر في بيرل رهڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ مهانگائي 7.5 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل تائين وڌڻ سان مهانگائي 8.2 سيڪڙو تائين وڃڻ جو امڪان آهي. اختيارين موجب رپئي جي استحڪام درآمدي مهانگائي کي محدود رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. حڪومت موجب پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن سبب ٻاهرين شعبي جي صورتحال مستحڪم رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران ترسيلِ زر ۾ 14.7 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مقامي سطح تي خوراڪ جي پيداوار سبب درآمدي بل محدود رهڻ جي پڻ اميد ظاهر ڪئي وئي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته وچ اوڀر جي تڪرار باوجود معاشي واڌ جي 4 سيڪڙو هدف کي برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي تيل جي مهانگائي ۽ سپلاءِ ۾ رڪاوٽون پاڪستان جي معيشت لاءِ اهم خطرا بڻجي سگهن ٿيون.










