مير رضا کي قتل ڪيو ويو، پوليس جي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪريو

مير رضا کي قتل ڪيو ويو، پوليس جي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مير رضا علي ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ ۽ شروعاتي جاچ ۾ شامل پوليس آفيسرن جي ڪردار جي اعليٰ سطح تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته مير رضا علي ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ گڏيل جاچ ٽيم قائم ڪئي وڃي. تجويز ڪيل ٽيم ۾ انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ)، انٽيليجنس بيورو (آءِ بي)، پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جا نمائندا شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

شروعاتي جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش

جوڊيشل ڪميشن ڪيس جي شروعاتي ڏهن ڏينهن واري جاچ ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن جي ڪردار جي اعليٰ سطح تي جاچ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو آهي.رپورٽ ۾ لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف تعزيراتي ڪارروائي ۽ کاتيوار انڪوائري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، ته جيئن شروعاتي جاچ دوران کنيل قدمن، آفيسرن جي ڪردار ۽ سندن ذميوارين جو تعين ڪري سگهجي.

ثبوت لڪائڻ جي امڪاني معاملي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي

رپورٽ ۾ شروعاتي جاچ دوران ممڪن طور ثبوت لڪائڻ واري معاملي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي. ڪميٽي ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ڇا شروعاتي جاچ دوران ثبوت لڪائڻ يا انهن بابت ڪنهن قسم جي بي ضابطگي جو واقعو پيش آيو هو.

شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ تي زور

جوڊيشل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ مير رضا علي ڪيس جي شفاف، غيرجانبدار ۽ اثرائتي جاچ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.رپورٽ ۾ پيش ڪيل سفارشن جو مقصد ڪيس جي مختلف پهلوئن جو جائزو وٺڻ، شروعاتي جاچ دوران پيدا ٿيل سوالن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن جي ذميوارين جو تعين ڪرڻ آهي.واضح رهي ته رپورٽ ۾ پيش ڪيل قدم سفارشون آهن؛ انهن تي عملدرآمد ۽ ذميوارين جو حتمي تعين لاڳاپيل اختيارين جي وڌيڪ جاچ ۽ ڪارروائيءَ سان مشروط هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو