پي پي سان لاڳاپا ٺيڪ ٿيڻ تائين اجلاس نه گهرائبو

پي پي سان لاڳاپا ٺيڪ ٿيڻ تائين اجلاس نه گهرائبو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ اعتماد جو بحران اڃان تائين ختم نه ٿي سگهيو، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.پيپلز پارٽي حڪومت کان پنهنجا خدشا ختم نه ٿيڻ تي لاڳيتو ناراض آهي، پارلياماني ذريعن موجب پيپلز پارٽي حڪومت سان ايوان ۾ مڪمل تعاون نه ڪرڻ جي فيصلي تي قائم آهي، جڏهن ته ٻنهي پارٽين ۾ اعتماد سازي بحال ڪرڻ جون ڪوششون به جاري آهن.ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) کي پ پ قيادت سان رابطا وڌائڻ ۽ معاملا حل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اتحادين ۾ معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي.پارلياماني ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو 21 سيپٽمبر تي ٿيندڙ امڪاني اجلاس به اڳيان وڌائڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ تائين قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. حڪومت طرفان قومي اسيمبلي اجلاس جي تاريخ ۾ تبديلي تي غور ڪيو پيو وڃي.پ پ سان اعتماد بحال ڪرڻ کان سواءِ اسيمبلي اجلاس گهرائڻ بابت(ن) ليگ ۾ ڳڻتي آهي. حڪمران پارٽي کي پيپلز پارٽي کان سواءِ ڪورم پورو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو. حڪومت پ پ قيادت سان معاملا طئي ڪرڻ جي لاءِ به اعليٰ سطحي رابطن ۽ ملاقاتن جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو