پيوٽن جي ٽرمپ سان چين ۾ ملاقات جي تجويز

پيوٽن جي ٽرمپ سان چين ۾ ملاقات جي تجويز

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان چين ۾ ملاقات ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، روس جي دوري تي آيل آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان ملاقات دوران روسي صدر پيوٽن، آمريڪي صدر ٽرمپ سان چين ۾ ملاقات جي تجويز ڏني.ملاقات دوران پيوٽن يوڪرين واري معاملي تي ڌيان ڏيڻ تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا. روسي صدر جو چوڻ هو ته روس آمريڪا سان معاشي لاڳاپا ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ان موقعي تي آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف پڻ ڊيل بابت روسي صدر جا ٿورا مڃيا. ملاقات کانپوءِ روسي صدارتي محل مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته روس يوڪرين تڪرار جي خاتمي بابت آمريڪي تجويزن جو جائزو وٺندو، جڏهن ته تڪرار جي حل جو گهڻو دارومدار يوڪرين تي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته روسي صدر پيوٽن، آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي گڏيل ملاقات ممڪن آهي، پر في الحال اها ملاقات ايجنڊا ۾ شامل ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو