ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن واري ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار اقبال زيڊ احمد خلاف ايف آءِ اي جي انڪوائري بابت 20 آڪٽوبر تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالت اهڙو حڪم ڪالهه شريڪ جوابدار اقبال زيڊ احمد طرفان ايف آءِ اي جي انڪوائري خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڏنو. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيو. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته اقبال زيڊ احمد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس ڪجهه ڏينهن اڳ ئي انڪوائري ملي آهي، تنهن ڪري جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي کي انڪوائري ڪرڻ جو اختيار ئي حاصل ناهي. عدالت ايف آءِ اي کان انڪوائري بابت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










