50 کان وڌيڪ ڇوڪرين جا موبائل چوري ڪيس ۾ اڳڀرائي

50 کان وڌيڪ ڇوڪرين جا موبائل چوري ڪيس ۾ اڳڀرائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڀرپاسي واري علائقي گڏاپ جي فارم هائوس مان 50 کان وڌيڪ ڇوڪرين جا موبائل فون چوري ڪرڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.پوليس موجب گذريل هفتي گڏاپ جي علائقي ۾ قائم فارم هائوس تي نوڪري لاءِ آندل ڇوڪرين جا موبائل فون چوري ڪرڻ ۾ ملوث مک جوابدار جي ٻن سڳن ڀائرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدار جي لوڪيشن پڻ ٽريس ڪئي وئي آهي. واقعي کانپوءِ جوابدار جي اصل موبائل نمبر جي لوڪيشن گوجرانوالا مان ٽريس ٿي، جڏهن ته مک جوابدار جي چئن ڀائرن مان ٻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس حراست هيٺ ورتل ڀائرن جي مدد سان مک جوابدار سان فون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي، جنهن دوران جوابدار پنهنجي موجودگي ڪشمير ۾ ظاهر ڪئي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مک جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ موبائل فون چوري ڪري فرار ٿيڻ جو منفرد واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ ايونٽ آرگنائيزر نوڪري لاءِ گهرايل 50 کان وڌيڪ عورتن جا ڪيترائي موبائل فون کڻي فرار ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو