اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول تي 100 روپيه في ليٽر سبسڊي حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن عطاءُالله تارڙ ۽ علي پرويز ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شزا فاطمه چيو ته انهي اسڪيم جي تحت 2 ويلر، 3 ويلر ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين وارن کي رليف ڏنو ويندو.آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه چيو ته 2 ۽ 3 ويلر گاڏين لاءِ 20 ليٽر پيٽرول تي رليف آهي جڏهن ته 800 سي سي تائين 30 ليٽر پيٽرول تي سبسڊي ڏني ويندي.شزا فاطمه ٻڌايو ته اهو پروگرام ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي پهرين حصي ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ آهي، صارف پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ سم سان سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، صوبي جو پهريون اکر(مثال جي طور تي اوهان سنڌ مان آهيو ته اوهان کي صرف S لکڻو آهي) بائيڪ يا گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ لکي 9771 تي اماڻڻو آهي.آئي ٽي واري وزير شزا فاطمه وڌيڪ چيو ته رجسٽريشن کان پوءِ جڏهن اوهان پيٽرول وٺڻ ويندا ته صارف 9771 تي TOK لکي ميسج ڪرڻو آهي ۽ پنهنجو مليل ٽوڪن پيٽرول پمپ تي ڏيکاري سبسڊي حاصل ڪرڻي آهي.شزا فاطمه موجب پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا ڪوبه ڊيٽا ڪنهن سان به شيئر ناهي ڪرڻو، حڪومت شهرين کان نه ڪا ڊيٽا گهرندي ۽ نه ئي ڪا چارجز گهرندي انهي ۾ جيڪي به غلطيون هونديون انهي کي ڏسندي ۽ صحيح ڪندي ويندي.ياد رهي ته حڪومتي اسڪيم جي تحت اسلام آباد جا شهري 14 ۽ 15 سيپٽمبر رات 12 وڳي کان جڏهن ته ملڪ خاص طور تي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا شهري 16 ۽ 17 سيپٽمبر جي رات 12 وڳي کان پيٽرول تي رليف حاصل ڪري سگهندا.










