اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري يورپ جو دورو مختصر ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو برطانيا جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 8 سيپٽمبر تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري فرانس جو طئي ٿيل دورو منسوخ ڪري ڇڏيو آهي. صدر کي برطانيا کانپوءِ ٻن ڏينهن لاءِ فرانس وڃڻو هو، پر هاڻي هو فرانس وڃڻ بدران سڌو برطانيا مان پاڪستان واپس ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر زرداري جي يورپي دوري جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت فرانس جو دورو ختم ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان واپسي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته صدر آصف علي زرداري سان برطانيا ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ ملاقات ڪئي هئي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ لنڊن ۾ صدر سان ملاقات ڪئي هئي. صدر زرداري جي پاڪستان واپسي 8 سيپٽمبر تي متوقع آهي.










