اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) صدر آصف علي زرداري وفاقي ڪابينا جي سفارش تي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت سمري منظور ڪري ورتي آهي. ايوان صدر جي ايڪس هينڊل تي جاري ڪيل بيان ۾ اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي. ايوان صدر مان جلد نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ گهرو وفاقي وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري سان مالاقا ت ڪئي آهي. وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي جو نئون چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ۾حمد فخر عالم عرفان کي مقرر ڪيو ويو آهي. امڪان آهي ته آءِ جي پوليس به جلد نئون مقرر ڪيو ويندو. صدر جي حڪم بعد گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي جو چيف ايگزيڪيٽو هوندو ۽ هو ايڊوائيزري ڪائونسل ذريعي صوبي جا انتظام هلائيندو. ان کان اڳ وفاقي ڪابينا موثر امن امان قائم ڪرڻ لاءِ خيبرپختونخواه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر رول لاڳو ڪرڻ بابت غور ويچار بعد صدر کي سمري موڪلي. جيڪا گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري هثون هٿ ايوان صدر کڻي ويا. سمري ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت آئين موجب ذميوراريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جنهن بعد ڪي پي ڪي جو وڏو وزير، ڪابينا ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سميت سڀ برطرف ڪيا ويا آهن. هي چوثون ڀيرو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ نافڊ ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي 3 ڀيرا هن صوبي ۾ گورنر راڄ نافذ ڪندڙ جماعت آهي. 1975 ۾ پهريون ڀيرو هن جماعت جي باني ذوالفقار علي ڀٽو، ٻيو ڀيرو 1994 ۾ صدر فاروق لغاري، ٽيون ڀيرو صدر مشرف 1999 ۾ ۽ آخري ڀيرو هاڻي صدر زرداري اهڙو فيصلو ڪيو آهي. صدر زرداري ان کان اڳ 2009 ۾ پنجاب ۾ به گورنر رول لاڳو ڪيو هو، جيڪو هڪ مهينو هليو هو ۽ ان وقت جو گورنر سلمان ٽاثير مارجي ويو هو.










