ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سکر ۾ رٿيل سنڌ ويزن ڪانفرنس جي تيارين ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ ھدايت ڪئي تھ ڪانفرنس جي سمورن انتظامي معاملن کي اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌايو وڃي ۽ اُن سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ ويزن ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ جي معروف صحافين، سياسي، سماجي ۽ ڪاروباري شخصيتن جي شرڪت متوقع آھي، ڪانفرنس جو مقصد سنڌ حڪومت جي ترقياتي رٿائن ۽ عوامي فلاح ۽ بھبود جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھي ڏيڻ آھي تھ جيئن صوبي ۾ جاري ترقياتي سرگرمين ۽ حڪومت جي اوليتن کي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪري سگھجي. اجلاس ۾ صحافين ۽ صحافتي ادارن کي درپيش مسئلن جي حل، صحافتي شعبي جي بھتري، ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن ۽ اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي سميت ٻين اھم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي ۽ صحافتي ادارن بابت معاملن کي بھتر انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي قدمن جو بھ جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت صحافت کي ھٿي، اظھار جي آزادي جي تحفظ ۽ صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيدھ قدم کڻي رھي آھي. ھن چيو تھ صحافي معاشري ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن ۽ عوام تائين درست معلومات جي فراھمي سان گڏ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سندن خدمتون اھميت جوڳيون آھن، صحافين ۽ صحافتي ادارن جي مسئلن جو حل حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ صحافين ۽ ميڊيا ادارن بابت معاملن کي اوليتي بنيادن تي ڏٺو وڃي ۽ مسئلن جي حل لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ، ڊائريڪٽر ايڊورٽائزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سارنگ لطيف چانڊيون ۽ اطلاعات کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.










