ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ منصوبن تي اڳڀرائيءَ بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير نومبر ۾ پهچندڙ نين ڊبل ڊيڪر ۽ اليڪٽرڪ بسن جا نوان روٽ شروع ڪرڻ لاءِ ضروري انتظام مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.اجلاس دوران ييلو لائين ۽ ريڊ لائين منصوبن جي تعميراتي ڪمن، بي آر ٽي جي مختلف لائينن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ نين بسن جي روٽن سميت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بي آر ٽي جي مختلف لائينن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان شهرين کي پنهنجي منزل تائين پهچڻ ۾ آساني ٿيندي. رڳو بي آر ٽي لائينون تعمير ڪرڻ ڪافي ناهي، پر انهن وچ ۾ بهتر سفري رابطو قائم ڪرڻ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته اورنج، گرين، ريڊ ۽ ييلو لائينن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ٿي سگهنديون. سينيئر صوبائي وزير ييلو لائين ۽ ريڊ لائين جي مختلف حصن، پلن ۽ ٻين تعميراتي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي تاج حيدر پل جي ٻئي حصي ۽ ييلو لائين جي ڊيپوز تي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو دائرو وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي.










