ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل سيد عامر رضا چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تي جارحيت ۽ سرحد پار کان دراندازي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪ فوج ملڪ جي هر حصي جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ سرحدن جي حفاظت جو عزم مضبوط آهي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 154هين پي ايم اي لانگ ڪورس ۽ 39هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيڊٽس شاندار پريڊ جو مظاهرو ڪيو. تقريب دوران غزنوي ڪمپنيءَ کي قائداعظم بينر ڏنو ويو، جڏهن ته جنرل سيد عامر رضا تقريب جو خاص مهمان هو. جنرل عامر رضا تربيت دوران نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽس ۾ انعام ۽ اعزاز پڻ ورهايا. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۽ سندن والدين کي مبارڪون ڏيندي هن بنگلاديش، سري لنڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي به واڌايون ڏنيون. سندس چوڻ هو ته عورت ڪيڊٽس جي شرڪت فخر جوڳي ڳالهه آهي. تقريب کي خطاب ڪندي جنرل سيد عامر رضا چيو ته ڪيڊٽس ملڪ جي سلامتيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي بهادريءَ سان منهن ڏين. هن چيو ته ديانتداري، بهادري ۽ جرئت قيادت جا اهم اصول آهن، جڏهن ته ڪيڊٽس جي ڪلهن تي ملڪ جي سلامتي، وقار ۽ تحفظ جي وڏي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن هر شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ جديد جنگي گهرجن موجب پاڻ ۾ تيزيءَ سان تبديليون آنديون آهن. جنرل سيد عامر رضا چيو ته بهادر فوجي جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن. خطي ۾ تازين ڇڪتاڻ واري حالتن دوران پاڪستان عالمي سطح تي مثبت ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي ثالثيءَ واري ڪردار کي دنيا ڏٺو آهي. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار خطي ۾ ملڪ جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد معاهدو خطي ۾ امن جي بنياد آهي. جنرل سيد عامر رضا موجب، آپريشن سندور ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ دشمن گري زون ڪاررواين ۽ بيانيي جي جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي.هن فلسطين ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ انساني حقن جي پامالي بند ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.










