سرائيڪي صوبي جي ڳالهه تي پ پ  رويو نرم ڏيکاري ٿي

سرائيڪي صوبي جي ڳالهه تي پ پ رويو نرم ڏيکاري ٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جڏهن پنجاب ۾ سرائيڪي صوبي جي ڳالهه اچي ٿي ته پيپلز پارٽي ان جي حمايت ڪري ٿي يا نرم گوشو ڏيکاري ٿي، پر جڏهن انتظامي يونٽن جي ڳالهه اچي ٿي ته سنڌ ديش جي ڳالهه شروع ٿئي ٿي.خواجه آصف چيو ته مون کي پيپلز پارٽي جي ٻٽي پاليسي جي پويان ڪجهه ٻيو نظر اچي ٿو، وقت اچڻ تي ان جي وضاحت ڪندس.هن چيو ته اختيارن جي منتقلي جو فيصلو 18 هين ترميم ذريعي ڪيو ويو هو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو، اختيارن جي ڪنسنٽريشن موجوده نظام کي متروڪ ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته صوبن يا انتظامي يونٽن کي ڪو به ليبل ڏئي، اختيارن جي منتقلي ناگزير آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو