ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان قومي اسيمبلي جي چيف وِپ اعجاز حسين جاکراڻي ۽ فريال ٽالپر ملاقات ڪئي، جنهن دوران ايوان سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس شاهه پڻ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سنڌ اسيمبلي ۽ قانونسازي بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون جنيد بلند پڻ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران کيس پرائيويٽ انسٽيٽيوٽس کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ قانونسازي، لاڳاپيل کاتي کي ڊجيٽلائز ڪرڻ ۽ 63 انسٽيٽيوٽس کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت هلائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. قومي اسيمبلي جي ميمبر مسرت رفيق مهييسر به بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران عورتن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق ميمڻ بلاول ڀٽو سان ملاقات دوران ٺٽي جي عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فياض بُٽ پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ دادو جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بريفنگ ڏني. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر زبير جونيجو، عطاالله جونيجو سان گڏ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران خيرپور ناٿن شاهه جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. پيپلزپارٽي اڳواڻن ارباب وزير ميمڻ ۽ ارباب ڪامران ميمڻ پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٺٽي ۽ سجاول جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سکر جي ميئر بيرسٽر ارسلان شيخ پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ سکر ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ارسلان شيخ سکر ميونسپل ڪارپوريشن کي پيپرليس بڻائڻ لاءِ ڊجيٽلائيزيشن منصوبي، سکر جي هڪ لک کان وڌيڪ گهرن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ واري منصوبي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيل منصوبي بابت به آگاهه ڪيو. ملاقات دوران سکر ۾ گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ واري منصوبي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. سنڌو درياهه ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي ٽريٽ ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ سکر جي 100 سيڪڙو گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري کي ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪلائميٽ ايڊاپٽيشن انويسٽمينٽ پلاننگ فورم ۾ سکر لاءِ پيش ڪيل منصوبن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. منيلا ۾ ٿيل فورم دوران سکر ۽ سنڌ جي موسمياتي موافقت بابت منصوبا پيش ڪيا ويا. بلاول ڀٽو زرداري کي سکر ۽ سنڌ لاءِ شهري ترقي جي مختلف منصوبن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.










