گلگت (ويب ڊيسڪ) پوسٽل بيلٽس (ٽپال ذريعي آيل ووٽن) جي ڳڻپ کانپوءِ گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪ GB-16 (ڊائمر-II) ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. پوسٽل بيلٽس جي ڳڻپ کانپوءِ تڪ GB-16 (ڊائمر-II) جي چونڊ نتيجي ۾ تبديلي آئي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار عطا الله کي 13 ووٽن جي فرق سان کٽيندڙ قرار ڏنو ويو.اختيارين موجب، اليڪشن ٽربيونل جي حڪم ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 95 تحت پوسٽل بيلٽس جي ڳڻپ ڪئي وئي. ڳڻپ مان ظاهر ٿيو ته عطا الله 6,618 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته امام ملڪ 6,605 ووٽ حاصل ڪيا هئا.7 جون تي ٿيل چونڊن ۾، پوسٽل بيلٽس جي ڳڻپ کان سواءِ ئي امام ملڪ کي شروعاتي طور تي کٽيندڙ قرار ڏنو ويو هو؛ بعد ۾ هو استحڪامِ پاڪستان پارٽي (IPP) ۾ شامل ٿي ويو هو.پيپلز پارٽي جي اميدوار عطا الله، اليڪشن ٽربيونل وٽ امام ملڪ جي ڪاميابيءَ واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوسٽل بيلٽس جي ٻيهر ڳڻپ ٿي.ڳڻپ ۽ تصديق جي عمل جي مڪمل ٿيڻ تي، ريٽرننگ آفيسر ’فارم 49‘ جاري ڪندي اميدوار جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو. عطا الله جي ڪاميابيءَ سان، گلگت بلتستان اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي جي سيٽن جو تعداد وڌي 16 ٿي ويو آهي.نتيجي ۾ آيل هن تبديليءَ کانپوءِ، گلگت بلتستان اسيمبليءَ ۾ استحڪامِ پاڪستان پارٽي جي ميمبرن جو تعداد هاڻي ڇهه ٿي ويو آهي.










