ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ 17 ڪلاڪن کان پوءِ ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بحال ڪري ڇڏي آهي. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب بجلي بحال ٿيندي ئي متاثر 10 مان 8 پمپ فعال ڪيا ويا آهن. آچر جي صبح جو 6 بجي ڪيبل فالٽ سبب ڌابيجيءَ تي بجليءَ جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو هو، جنهن سبب 21 مان 10 پمپ غير فعال ٿي ويا هئا.










