شڪارپور(ن س )عبدالله ڪالوني ۾ ملڪيت جي تڪرار تان مبينا طور 10 ورهين جي ٻار تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار سخت سڙي زخمي ٿي پيو. پوليس موجب واقعي کانپوءِ زخمي ٻار کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جو ڪيس متاثر ٻار جي والد اياز مهر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. والد جو الزام آهي ته جوابدار سندس گهر سستي اگهه تي خريد ڪرڻ لاءِ کيس مسلسل تنگ ڪري رهيو هو ۽ ساڳئي تڪرار دوران سندس 10 ورهين جي پٽ تي پيٽرول هاري باهه ڏني وئي. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار جاويد اختر بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي ڪردار جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي.










