اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي تيزي ڏٺي وئي، جنهن کانپوءِ 100 انڊيڪس هڪ لک 69 هزار پوائنٽن جي حد ٻيهر بحال ڪري ورتي.ڪاروبار شروع ٿيندي ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سان 100 انڊيڪس هڪ لک 69 هزار 95 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 120 پوائنٽن جي واڌ سان هڪ لک 68 هزار 580 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو